ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي: ميڊيڪل سائنس جي تعليم جي حوالي سان هيءُ سنڌ جو پراڻو ادارو ۽ ملڪ جو ٻيو نمبر پراڻو ميڊيڪل ڪاليج آهي. جڏهن 1881ع ڌاري سنڌ ميڊيڪل اسڪول قائم ٿيو ته ان ۾ مقامي طبيبن ۽ پڙهيل لکيل فردن کي تربيت ڏئي صحت ۽ علاج جي بنيادي ڄاڻ ڏني ويندي هئي. اهو اسڪول حيدرآباد ۾ سول اسپتال جي حدن اندر فعال ڪيو ويو. 1941ع ۾ انڊين ميڊيڪل ڪائونسل، ميڊيڪل جي تعليم لاءِ گڏيل معيار جو ڪورس متعارف ڪرايو، جنهن بعد ان کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. پر سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ بعد ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ جي ڪوششن سان حيدرآباد واري ميديڪل اسڪول کي ڊگري ڪاليج جو درجو مليو، جنهن جو الحاق بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميڊيسن فئڪلٽي سان ٿيو. 1944ع ۾ ان جي الحاق کي امڪاني طور رد ٿيڻ جي خدشي سبب ان اداري کي نئين گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ منتقل ڪري گهربل عملو مقرر ڪري اسپتال جي سهولت به ڏني وئي. اهو عمل ڊسمبر 1945ع تـي مڪـمـل ٿـيـو، جنـهن بعد تـڏهـوڪـي گـورنـر سـر ’هـگ ڊائـو‘ (Hug Dow) اُن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ نئين تعمير بعد ’ڊائو ميڊيڪل ڪاليج‘ جي نالي سان هن اداري جي شروعات ٿي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ٽيم ڪلينيڪل مضمونن جي پورائي ۽ اسپتال واري سهوليت لاءِ سول اسپتال ڪراچيءَ جي چونڊ ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ بعد ’ڊائو ميڊيڪل ڪاليج‘ جو الحاق سنڌ يونيورسٽيءَ سان ٿيو، مرڪزي حڪومت ٺهڻ يعني 1951ع تائين هيءُ ادارو سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ رهيو. بعد ۾ ان کي ڪراچي يونيورسٽي سان جوڙيو ويو. 1961ع ۾ اتي مسجد به جوڙي وئي ۽ آڊيٽوريم سميت ٻين سهوليتن ۾ به تيزي سان اضافو ٿيندو ويو. هن وقت ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو مليل آهي ۽ ان جو نالو ’ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس‘ رکيو ويو آهي. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جديد اوزار، آڊيو ويوئل لائبرري، راندين لاءِ اسڪواش ڪورٽ، بيڊمنٽن ۽ باسڪٽ بال جا انڊور اسٽيڊيم وغيره قائم آهن. هتي طبي تعليم سان گڏ ان شعبي ۾ تحقيق جو ڪم به جاري آهي، جتي انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد ميڊيڪل جي معياري تعليم پرائي رهيا آهن. جن کي عملي سکيا لاءِ سول اسپتال ڪراچي ۽ لياري جنرل اسپتال به موڪليو وڃي ٿو.
هن وقت تائين ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان 15 هزارن کان وڌيڪ شاگرد گرئجوئيشن ڪري ڊاڪٽر بڻيا آهن، جن مان ڪيترائي وڌيڪ تعليم پرائي آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. مخصوص ڪوٽا هيٺ ڪراچي ضلعي، ٺٽي، حيدرآباد سميت ڪجهه ٻين علائقن جي داخلا به ڪوٽا ۾ رکيل آهي. جڏهن ته انٽري ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ کي به ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي.


لفظ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو